سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد

سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد: سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو، جنهن کي عام طور جيڪب آباد جو جلسو چيو وڃي ٿو، اهو ميلو سنڌ ۽ بلوچستان جي اهم عوامي تقريب آهي. هن ميلي جي شروعات اڻويهين صدي جي وچ ۾ ٿي، جنهن جو ذڪر 1876ع ۾ شايع ٿيل مسٽر اي.ڊبليو هيوز (A.W Hughes) جي پراونس آف سنڌ گزيٽيئر ۽ 1904ع ۾ مرتب ڪيل اي.ايڇ ايٽڪن واري سنڌ گزيٽيئر ۾ پڻ موجود آهي. جنرل جان جيڪب انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ملازمت جي سلسلي ۾ گهوڙي سوارن جي جٿي جي مهنداري ڪندي 1847ع ۾ پهريون ڀيرو خان ڳڙهه (هاڻوڪي جيڪب آباد) واري علائقي ۾ آيو. کيس اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي ويڙهاڪ ۽ سرڪش بلوچن کي سيکت ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو هو ته جيئن انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني جي انگريز فوج آساني سان بولان لڪ لنگهي افغانستان يعني ڪابل ۽ قنڌار ڏانهن پيش قدمي ڪري سگهي.
جان جيڪب عقل جو استعمال ڪندي، انهن سرڪش قبيلن جو چوپايو مال خاص ڪري ڀلي نسل جا گهوڙا نظر ۾ رکيا ۽ اهي هٿ ڪرڻ لاءِ ’هارس اينڊ ڪيٽل شو‘ منعقد ڪرائي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن وٽ ڪيترا پالتو جانور آهن. جيڪب آباد جو جلسو پهريون سماجي ۽ اقتصادي ميلو آهي جيڪو رنگ نسل ۽ قوميت جي بنياد کان هٽي پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن لاءِ تفريح، واپار ۽ معلومات لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن ميلي مچائڻ سان جان جيڪب ڪيترائي مقصد حاصل ڪيا، ان مان اهم ڳالهه اها هئي ته هتان جا غريب ماڻهو پنهنجي چوپائي مال ۽ گهوڙن وغيره جو واپار ڪري مالدار ۽ خوشحال ٿين. ان سان گڏ ٻيو سندس اهم مقصد اهو هو ته انگريز فوج لاءِ سٺا ۽ اعلى نسل وارا گهوڙا هٿ ڪجن. خانگي واپاري ٿوڙي گورا عملدار پندرهن ڏينهن واري لڳايل انهيءَ هنڊي مان گهوڙا خريد ڪندا هئا. جان جيڪب پاڻ به گهوڙن جو شوقين هو، کيس چڙهي لاءِ ٻه بهترين گهوڙا هوندا هئا، جن مان هڪ جي قبر تنگواڻي ريلوي اسٽيشن جي نزديڪ آهي، جڏهن ته ٻيو گهوڙو مئسينجر (Messenger) جيڪب آباد شهر ۾ قبي نما قبر ۾ مدفون آهي. ميلي جي موقعي تي بلوچ سردار مري، بگٽي، جکراڻي، ڊومبڪي، بليدي، ڪهيري کوسا ۽ ڪجهه ڄاموٽ سردار پنهنجي اعلى نسل جا گهوڙا ڊي.سي چوڪ کان جاني ديري واري سڙڪ سان ڊوڙائي واپارين کي ڏيکائيندا هئا. گهوڙن سان گڏ هٿ جي هنرن ۽ ثقافتي توڙي تهذيبي ورثي وارن هٿيارن نيزن، تلوارن ۽ منهن ڀريل بندوقن کي به نمائش ۾ پيش ڪندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو ۾ گهڻو واڌارو آيو. هن وقت به ميلي دوران صنعتي نمائش، گهوڙن، ڏاندن، گڏهن ۽ اٺن جي گوءِ، پوليس ٽيٽو، نيزابازي، رانديون، راڳ، رهاڻ، ثقافتي شو، سنڌي اردو ڊراما، مشاعرا، ادبي ڪانفرنس، سگهڙن جي ڪچهري ۽ ٻيا پروگرام به پيش ٿيندا رهن ٿا. هن ميلي جي معرفت نه صرف پاڪستاني صنعت ۽ ثقافت جي نمائش ٿئي ٿي پر بين الصوبائي قوميت جي رابطي لاءِ به سازگار ماحول ميسر ٿئي ٿو. ڊاڪيومينٽري فلمن سان گڏ ڇپيل ڪتابن جو نماءُ ۽ اميوزمينٽ پارڪ پڻ لڳايو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو